رام سوامي ڪوي

رام سوامي ڪوي: رام سوامي ڪوي، 1892ع ڌاري رندن جي ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان سندس طبيعت نهٺي هئي، جنهن سبب ويراڳ لڳس ۽ آسو مل پروهت کان روحاني علم حاصل ڪري سندس طالب ٿيو. هن صوفين ۽ سنتن جي سنگت ۾ رهندي جيڪي ڪجهه پرايو، سو سنڌي سلوڪن ۾ قلمبند ڪندو ويو. سندس شاعريءَ جا چار مجموعا شلوڪا ولي، رام درشنا ولي، رام شبداولي ۽ رام جيوناولي ڇپجي پڌرا ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو